اسلام آباد– 09 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار قومي معيشت ۾ ڪپهه جي مرڪزي ڪردار جي بحالي ۽ آبادگارن جي لاءِ فصلن جي منافعي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ٺوس ۽ قابل عمل قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري پڌرائي موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ضروري ۽ نقد وارين فصلن بابت ڪابينا ڪميٽي جي ٽئين اجلاس جي صدارت دوران ڪيو. اجلاس دوران ڪميٽي ڪاٽن پلان 26 – 2025ع جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ پاڪستان ۾ ڪپهه جي شعبي جي بحالي جي لاءِ ضروري ۽ فوري، وچولي ۽ ڊگهي مدي واري پاليسي قدمن تي خصوصي غور ڪيو. نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزارت کي هدايت ڪئي وئي ته ايندڙ هفتي فالو اپ اجلاس گهرايو وڃي جنهن ۾ ڪاٽن ويليو چين بابت سمورن سرڪاري ۽ نجي شعبي جي حصيدارن کي شرڪت جي دعوت ڏني وڃي ۽ سفارشن تي موثر عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قابل عمل تجويزون پڻ پيش ڪيون وڃن. ڪميٽي 2025ع جي لاءِ ڪڻڪ جي پيداواري ڪاٿي، ڪيري فارورڊ اسٽاڪ ۽ سال 26 – 2025ع جي لاءِ ڪڻڪ جي قومي ضرورتن جو پڻ جائزو ورتو ۽ چيو ته ڪڻڪ جي ايندڙ لاباري تائين قومي طلب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪڻڪ جو وڏو ذخيرو موجود رهي. اجلاس ۾ قومي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت، ناڻي ۽ منصوبابندي وارن وزيرن، وزيراعظم جي خاص معاون طارق باجوه سميت قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت، واپار واري وزارت ۽ ايف بي آر جي اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي.