اسلام آباد- 09 جولاءِ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان پاڪستان بزنس ڪائونسل جي وفد سي اي او احسن ملڪ ۽ نامزد سي اي او جاويد قريشي ملاقات ڪئي. ناڻي وزارت پاران جاري بيان موجب ناڻي واري وزير ڪائونسل ۾ قيادت جي تبديلي جي آجيان ڪئي ۽ نئين ٽيم کي مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائيندي چيو ته حڪومت ڪاروباري برادري جي اهم اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت تي ٻڌل پاليسي سازي جي عمل کي جاري رکڻ چاهي ٿي. ناڻي واري وزير پاڪستان بزنس ڪائونسل جي مثبت ڪردار کي ساراهيو، خاص طور تي پاليسي معاملن ۾ ان جي تحقيقي ڪم ۽ مختلف شعبن بابت ڊيٽا کي نهايت فائديمند قرار ڏنو جيڪا وقت بوقت حڪومت سان شيئر ڪئي ويندي آهي. ناڻي واري وزير وفد کي آگاهه ڪيو ته حڪومت پاليسي سازي کي وڌيڪ اثرائتو ۽ جامع بڻائڻ لاءِ ٽيڪس پاليسي آفيس کي ايف بي آر مان ڪڍي ناڻي واري وزارت ۾ منتقل ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن پاڪستان بزنس ڪائونسل جهڙن فورمن سان مشاورت جي اداره جاتي عمل کي هٿي ڏئي سگهجي. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت ڪاروباري ۽ صنعتي طبقي جي راءِ ۽ تجويزن کي وڏي اهميت ڏي ٿي ۽ انهي ويزن تحت وفاقي بجيٽ 26-2025ع لاءِ مشاورتي عمل جي شروعات هن سال غير معمولي طور تي جلد ڪئي وئي ته جيئن مختلف چيمبرز، واپاري تنظيمن ۽ ڪاروباري فورمن کان مليل تجويزن تي تفصيل سان غور ڪري سگهجي ۽ انهن کي بجيٽ سازي ۾ بهتر طور تي شامل ڪري سگهجي.