اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي قومي اسيمبلي ميمبر عبدالقادر پٽيل چيو آهي ته ڀارتي اڳرائيءَ خلاف پاڪستان کي عظيم ۽ تاريخي فتح نصيب ٿي آهي، مخالف ڌر جي تقرير هڪ ڊنل شخص جي بزدلي ۽ شڪست کاڌل تقرير هئي، ان تقرير کي قومي اسيمبليءَ جي رڪارڊ مان ختم ڪرڻ گهرجي. قومي اسيمبليءَ ۾ ڀارت خلاف تاريخي فتح تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته ڀارتي اڳرائيءَ خلاف پاڪستان کي هڪ عظيم ۽ تاريخي فتح ملي آهي، اسان الله تعاليٰ جا شڪرگذار آهيون، جنهن اسان جي دُعائن کي قبول ڪيو. هن چيو ته ڪالهه تائين پوري دنيا سوچي رهي هئي ته خدانخواه اسان ڪنهن لحاظ کان گهٽ آهيون، الحمدلله ايوان ۾ موجود سمورين پارٽين ملڪ جي سڀني سياسي قوتن سان تاريخي يڪجهتي ۽ هم آهنگيءَ جو مظاهرو ڪيو. مان سپهه سالار کي خراجِ تحسين پيش ڪريان ٿو جنهن پاڪستان کي هڪ عظيم فتح ڏياري، پوري قوم جو ڳاٽ فخر سان بلند ڪيو، اسان صرف ڀارت تي نه پر پوري دنيا تي ثابت ڪيو آهي ته اسان جنگ نه امن جا داعي آهيون پر جيڪڏهن جنگ مڙهي وئي ته پوءِ اسان وٽ وطن يا ڪفن ۽ آزادي يا موت جو رستو آهي. ان کان علاوه اسان وٽ ڪو رستو ناهي. هن چيو ته اسان مودي کي واضح طور تي چوڻ چاهيون ٿا ته اسان ڪنهن کي بليڪ ميل ناهيون ڪري رهيا پر اها ڳالهه صاف آهي ته ميدان ۾ هڪ ۽ ڏهه جي شرح آهي پر هڪ وٽ الله اڪبر جو نعرو آهي. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف آهي، اسان جا لکين ماڻهو دهشتگرديءَ خلاف پنهنجين جانين جو نذرانو ڏئي چڪا آهن، اسان جي مسجدن، مدرسن ۾ ڌماڪن، ڪراچيءَ جي واقعن ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جون ڪَڙيون ڀارت سان ملن ٿيون ۽ اسان وٽ ان جا ثبوت به آهن. هن چيو ته مودي هن وقت شڪست کاڌل آهي، ان شخص جي تاريخ رهي آهي ته هو لاشن تي سياست ڪري ٿو، شڪست کائيندڙ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو ان لاءِ اسان کي چؤڪس رهڻو پوندو، اسان مودي جو جواب ڏيڻ لاءِ پوري طرح تيار آهيون.