اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي مان مُختلف بل منظور ڪيا ويا آهن. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت گهُرڪي اداري وارو بل 2024ع قومي اسيمبليءَ ۾ اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ ايوان ۾ پيش ٿيڻ جي رٿ پيش ڪئي وئي، جنهن جي حڪومت مخالفت نه ڪئي، ان کان پوءِ بل جي شق وار منظوري ورتي وئي. بل جي شق 5 ۾ عاليه ڪامران ترميم پيش ڪئي، جنهن جي حڪومت مخالفت ڪري ڇڏي. ثمينه خالد چيو ته 6 مهينن کان اهو بل مون متعارف ڪرايو هو، عاليه ڪامران جي ترميم رد ڪئي وئي. آغا رفيع الله شق 6 ۾ ترميم متعارف ڪرائيندي چيو ته 25 سيڪڙو مستحق ٻارن کي ميرٽ تي اداري ۾ مفت داخلا ملڻ گهرجي. محرڪ ثمينه خالد طرفان ترميم جي حمايت تي اها ترميم منظور ڪئي وئي. شق وار منظوري کان پوءِ ثمينه خالد، گهرڪي بل منظوريءَ لاءِ پيش ڪيو. قومي اسيمبليءَ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي بابت گهُرڪي اداري واري بل 2024ع اڪثريت سان منظوري ڏئي ڇڏي. جڏهن ته رانا قاسم نون عالمي امتحان بورڊ بل 2024ع اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ پيش ڪيو. حڪومت طرفان مخالفت نه ڪرڻ تي بل جي شق وار منظوري ورتي وئي. بعد ۾ محرڪ عالمي امتحان بورڊ بل 2024ع جي منظوري لاءِ پيش ڪيو. جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي.