اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جو اجلاس 14 مئي جي صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. اڱاري ڏينهن قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ قومي اسيمبليءَ جو اجلاس پارليامنٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو. اجلاس جي ايجنڊا تي ڪارراوئي سان گڏوگڏ پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ خاص طور تي پاڪستان جي شاندار ڪاميابيءَ تي قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن خيالن جو اظهار ڪيو. چيئرپرسن پينل آف چيئر، اجلاس جي ڪارروائي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اجلاس (اڄ) اربع جي صبح 11 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.