رياض- 13 مئي (اي پي پي) سعودي ڪابينه، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي هلندڙ هفتي سعودي عرب جي دوري جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق سعودي ڪابينه، ان اميد جو اظهار ڪيو آهي ته ان دوري سان گڏيل مفادن ۽ ويزن مطابق مختلف شعبن ۾ ٻنهي دوست ملڪن وچ ۾ سهڪار ۽ اسٽريجٽڪ حصيداري مضبوط ٿيندي. ڪابينه، اسرائيلي قابض اختيارين طرفان غزه پٽي ۽ فلسطيني علائقن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي حوالي سان اعلان کي رد ڪندي ان کي عالمي انساني قانون جي مسلسل ڀڃڪري قرار ڏنو. فلسطيني ڀائرن جي حقن جي تحفظ لاءِ مملڪت جي واضح موقف جي توثيق ڪئي. ڪابينه ميمبرن، عالمي تنظيمن ۽ فورمز جي حوالي سان سهڪار ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اجلاس ۾ هلندڙ سال جي آخري ٽه ماهي ۾ مملڪت جي ميزباني ۾ ٿيندڙ ميونخ سيڪيورٽي ڪانفرنس کي اهم قرار ڏنو ويو جيڪا عالمي سلامتي لاءِ اهم ثابت ٿيندي. اجلاس ۾ ايجنڊا ۾ شامل مختلف معاملن جو جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ شوريٰ ڪائونسل جي مختلف ڪميٽين طرفان پيش ڪيل سفارشون شامل هيون. ڪابينه مختلف وزارتن جي سربراهن کي ٻين ملڪن سان مفاهمي يادداشن تي صحيحون ڪرڻ جي منظوري ڏني.