اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) پارلياماني معاملن بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو آهي ته پاڪستان ذميدار ۽ امن جو داعي آهي، پاڪستان جي هٿياربند فوج قوم جو ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيو آهي، ڪشمير مسئلو هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي ايجنڊا تي اُڀريو آهي، آمريڪا به تسليم ڪري رهيو آهي ته ان مسئلي کي حل ڪرڻ کانسواءِ خطي ۾ پائيدار امن ممڪن ناهي، هٿياربند فوج قوم جو ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيو آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي هن چيو ته پاڪستان تاريخ جي اهم موڙ تي آهي، کيس نئون جنم مليو آهي، 9 ۽ 10 مئي جي پاڪستان ۾ فرق آهي. هن چيو ته پاڪستان پوري دنيا کي باور ڪرايو آهي ته الله جي فضل سان اسان پنهنجي ملڪ جو دفاع جو حق رکون ٿا ۽ دفاع ڪرڻ به ڄاڻون ٿا. هن چيو ته ڀارتي اڳرائيءَ جي موقعي تي قومي وحدت جو مظاهرو ٿيو ان تي اسان الله تعاليٰ جا شڪرگذار آهيون. ڀارت شايد اهو حملو ان لاءِ ڪيو ته خدانخواسته پاڪستان جي اندر ڪا پولرزائزيشن ۽ ورهاست آهي، ان کان علاوه پاڪستان ۾ ڀارت پراڪسيز جو گهيرو به تنگ ڪيو ويو هو. سندس چوڻ هو ته اسان جي هٿياربند فوج ۽ ادارن ان جي اسپيس ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ جيڪي باقي بچيل ڪجهه عنصر آهن انهن خلاف ڪارروائي ٿي رهي آهي، ان لاءِ اسان جي هٿياربند فوج جو ڌيان هٽائڻ لاءِ هن ان اڳرائيءَ تي عمل ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پارليامينٽ قومي وحدت جو مظاهرو ڪيو، ان تي مان مخالف ڌر ۽ حڪومتي بينچ جي ميمبرن جو ٿورائتو آهيان، ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پاڪستان زندهه باد جا نعرا لڳي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان امن جو داعي آهي، اسان امن چاهيون ٿا، پاڪستان ۽ ڀارت ايٽمي طاقتون آهن، اسان ڀارت کي چيو هو ته هوش کان ڪم وٺي ڇو جو پهلگام جي فالس فليگ آپريشن کان پوءِ پاڪستان تي چڙهائي وارين ڳالهين سان انهن کي پنهنجو ئي نقصان ٿيندو، اسان ڀارت کي اهو به ٻُڌايو ته اسان کي دفاع جو حق حاصل آهي ۽ پنهنجو دفاع ڪرڻ به ڄاڻون ٿا، 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات تي ڀارتي اڳرائيءَ خلاف الله تعاليٰ پاڪستان کي فتح ڏياري ۽ دشمن جا پنج جهاز ڪيرايا، انهن ۾ انهن جا رافيل جهاز به شامل آهن، هاڻ پوري دنيا ان سوال کي ڳولڻ ۾ رڌل آهي ته پاڪستان اها ڪاميابي ڪيئن حاصل ڪئي. هن چيو ته هڪ مسلمان ۽ مجاهد جي جهاد جو جذبو ڪو ٻيو محسوس نٿو ڪري سگهي، ان ئي جذبي ۽ پروفيشنل ازم اسان کي ڪاميابي ڏياري. اسان پاڪستاني فوج کي خراجِ تحسين پيش ڪريون ٿا جن هر پاڪستانيءَ جو ڳاٽ فخر سان اوچو ڪري ڇڏيو. سيد عاصم منير ۽ ملڪ جي هيرو ظهير بابر کي خراجِ تحسين پيش ڪريون ٿا.