اسلام آباد- 13 مئي (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال جي صدارت ۾ ”اُڏار پاڪستان“ مالي سال 26-2025ع بابت ترجيحي منصوبن تي اهم اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ رٿابندي وارو سيڪريٽري اويس منظور سمرا، چيف اڪانومسٽ ڊاڪٽر امتياز احمد، جوائنٽ چيف اڪانومسٽ راجا مشتاق، پلاننگ ڪميشن جي ميمبرن ۽ لاڳاپيل وزارتن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ روانگي واپار، ماس ميڊيا، سماجي شعبي، خوراڪ ۽ زراعت، ماحوليات، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ انفراسٽرڪچر بابت مختلف منصوبن جو جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته پي ايس ڊي پي (پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام) ۾ اهي ئي مصنوبا شامل ڪيا ويندا جيڪي اداري جاتي ڪارڪردگي کي بهتر بنائيندا ۽ قومي ترقيءَ جي هدف سان هم آهنگ هوندا. هن چيو ته فنڊز جي اثرائتي ورڇ لاءِ منصوبن جي ريشنلائزيشن (عقلمداڻي درجا بندي) اڻٽر آهي. احسن اقبال زور ڀريو ته منصوبن جي عالمي تزويراتي اهميت کي به نظر ۾ رکيو وڃي. هن نيشنل سينٽر فار برانڊ ڊولپمينٽ کي فوري طور تي فعال ڪرڻ ۽ علامه اقبال نيشنل اڪيڊمي جي پڄاڻي سي ڊي اي جي سهڪار سان يقيني بنائڻ جي هدايت ڪئي. ان سلسلي ۾ هن اعلان ڪيو ته علامه اقبال جي 150هين سالگره جي موقعي تي ”اقبال مونومنٽ“ ۽ اڪيڊمي جو باقائده افتتاح ڪيو ويندو. احسن اقبال صحت واري وزارت کي ترجيحي رٿائن کي به پي ايس ڊي ايف جو حصو بنائڻ جي هدايت ڪئي ۽ پاور سيڪٽر ۾ جاري رٿائن جي تسلسل سان گڏوگڏ نَون منصوبن تي غور جي اهميت تي زور ڀريو. وفاقي وزير بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ جامع سڌارن جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن عوام کي اسڪل بيسڊ رٿائن ذريعي پاڻڀرو طرف گامزن ڪري سگهجي. هن چيو ته صرف مالي مدد تي ڀاڙڻ مسئلي جو حل ناهي. هن چيو ته وڌ کان وڌ منصوبا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت شروع ڪيا وڃن، هن پي سي ون جي منظوريءَ ۾ دير کي قبولڻ نه جوڳو قرار ڏيندي لاڳاپيل وزارتن کي فوري ڪارروائي جي هدايت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته ”اُڏام پاڪستان“ جي هدفن سان هم آهنگ منصوبن کي ئي ترجيح ڏني وڃي ۽ گلگت بلتستان ۾ ميڊيڪل ڪاليج جي قيام سان گڏوگڏ تعليم ۽ سياحت کي هٿي ڏيڻ لاءِ به جامع منصوبا شروع ڪيا وڃن.