لاهور-12 مئي (اي پي پي) صنعتن ۽ پيداوار واري وفاقي وزير رانا تنوير حسين ۽ پنجاب جي هائوسنگ واري وزير بلال ياسين مريدڪي ۾ ڀارتي حملي ۾ زخمي ٿيل شهرين جي عيادت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته شهيدن جون قربانيون رائيگان نه وينديون، اهي قوم جا فخر آهن. ڀارتي فوج جي بزدلاڻي عمل جو جواب پاڪ فوج ڀرپور نموني ڏنو. هن چيو ته ڀارت اسان جي امن پسنديءَ جو جواب هميشه شدت پسندي ۽ شر انگيزيءَ سان ڏنو. ڀارت کي نه صرف جنگ جي ميدان پر عالمي سفارتڪاري ۾ به شڪست نصيب ٿي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستاني شاهينن عالمي تاريخ جي ڌارا تبديل ڪري ڇڏي. دشمن کي سمورن محاذن تي شڪست ۾ پاڪ فوج ۽ عوام گڏيل طور هڪ صف تي هئا. بنيان مرصوص آپريشن جي ڪاميابيءَ سان شهيدن جي مائرن جا ڪليجا ٿڌا ٿيا. هائوسنگ واري وزير واضح ڪيو ته اسان جون مائرون هميشه جهاد جي جذبي ۽ ملڪ تي جانيون قربان ڪرڻ جو درس ڏين ٿيون. جديد رافيل جهازن جي عالمي سطح تي بدنامي ڀارت جي نااهلي جو سبب بڻجي رهي آهي.