لاهور-12 مئي (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ جي سي ايم ايڇ اسپتال لاهور ۾ ڀارتي اڳرائيءَ ۾ زخمي ٿيل ماڻهن جي عيادت ڪئي ۽ سندن جلد صحتيابيءَ لاءِ دُعا ڪئي. وفاقي وزير پاڪ فوج جي بهادري ۽ ملڪ لاءِ بي مثال قربانين کي ساراهيو. هن ڀارت طرفان مداخلت جي پُرزور مذمت ڪئي. هن جو چوڻ هو ته پاڪستاني قوم هڪ بهادر قوم آهي ۽ ڀارتي اڳرائيءَ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي. ان موقعي تي وزيراعظم جو خاص مددگار طلحه برڪي ۽ ايم اين اي رانا مبشر به ساڻس گڏ هئا.