ڪراچي-12 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي صدارت هيٺ وزيراعلى هائوس ۾ هڪ اعليٰ سطح جو اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ مالي سال 26-2025ع لاءِ صوبائي بجٽ جو حصو بڻجندڙ سالياني ترقياتي پروگرام (اي ڊي پي) تجويزن جو جائزو ورتو ويو. اجلاسرٿابندي ۽ ترقي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاھ، چيئرمين پي اينڊ ڊي بورڊ نجم احمد شاھ ۽ وڏي وزير جي پرنسپل سيڪريٽري وزيراعلى آغا واصف، سيڪريٽري ناڻو فياض جتوئي، سيڪريٽري منصوبابندي زبير چنا ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي. وڏي وزير مراد علي شاھ اعلان ڪيو ته نئين سالياني ترقياتي پروگرام ۾ ڪيتريون ئي ترقياتي اسڪيمون شامل ڪيون وينديون جن ۾ پاڻي جي فراهمي، پاڻيءَ جي نيڪال، سج جي توانائي، صنعتي ۽ زرعي ترقي هوندي.هن زور ڀريو ته ٻوڏ متاثر اسڪولن جي نئين سر تعمير هيٺ ترقياتي منصوبا ترجيح هوندا. وڏي وزير هدايت ڪئي ته رٿابندي ۽ ترقي وارو کاتو پنهنجي سڀني جاري ۽ ڄاڻايل اسڪيمن جي منصوبابندي احتياط سان ڪري، جاري ۽ مڪمل ٿيندڙ اسڪيمن کي ترجيح ڏني وڃي ۽ نون تجويزن جي منظوري کان اڳ انهن جو مڪمل جائزو ورتو وڃي. هلندڙ سال جي ترقياتي پروگرام تي روشني وڌي. مراد علي شاھ چيو ته گذريل سال (25-2024ع) جو سالياني ترقياتي پروگرام 493 ارب روپيا هو جن مان 55 ارب روپيا ضلعيوار اي ڊي پي تحت رکيا ويا. مراد علي شاھ وڌيڪ ٻڌايو ته موجوده مالي سال دوران 4644 ترقياتي اسڪيمون جاري آهن جن مان اميد آهي ته 1812 اسڪيمون جون 2025 جي آخر تائين مڪمل ڪيون وينديون. هن چيو ته کاتن کي جاري ترقياتي اسڪيمن جي وقت سر مڪمل ٿيڻ تي مڪمل ڌيان رکڻ گهرجي. رٿابندي ۽ ترقيءَ واري کاتي کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجي وسيلن ۽ منصوبن کي ان حساب سان ترتيب ڏين. اجلاس جي پڄاڻي ان اتفاق تي ٿي ته مالي سال 27-2026ع جي بجٽ ۾ شامل ڪرڻ کان اڳ سڀني نَون ڄاڻايل اسڪيمن جو تفصيل سان جائزو ورتو ويندو ته جيئن انهن جي اهميت، عملدرآمد ۽ امڪاني اثرن کي يقيني بڻائي سگهجي.