اسلام آباد-12 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ ۾ هٿياربند فوج طرفان ڀارتي اڳرائيءَ جو ڀرپور، تحمل ۽ ذميداريءَ سان مقابلو ڪري کيس مناسب جواب ڏيڻ تي خراجِ تحسين پيش ڪندي مبارڪن وارو قرارداد متفقه طور منظور ڪري ورتو، جڏهن ته ايوان ۾ موجود سڀني سياسي پارٽين جي ميمبرن پنهنجي سيٽن تي بيهي ”پاڪستان زندهه بادر“ جا نعرا بلند ڪيا. قومي اسيمبليءَ ۾ وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته اسان سڀ رب پاڪ جا شڪرگذار آهيون جنهن عزت سان نوازيو، پاڪ فوج سرحدن ۽ عوام جي حفاظت ڪئي، اسان سرخرو ٿياسين، ان موقعي تي سڀني پارٽين هڪ آواز ٿي ”پاڪستان زندهه باد“ جا نعرا لڳايا. قانون واري وفاقي وزير ايوان ۾ قرارداد پيش ڪئي جنهن ۾ چيو ويو ته ايوان پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ساراهه، امن ۽ ڳالهين جي عهد جي تجديد ڪري ٿو. هي ايوان الله تعاليٰ آڏو عاجزيءَ سان سجدي ۾ ڪِري ٿو ته هن پاڪستاني قوم کي مادرِ وطن جي سرحدي سالميت جي حفاظت ۾ عزت ۽ وقار عطا ڪيو. قرارداد ۾ چيو ويو ته هي ايوان پوري قوم کي مبارڪون ڏئي ٿو ته هن سڀني اختلافن سان مٿانهون ٿي سياسي قيادت پُٺيان متحد ٿي پاڪستان جو هڪ آواز بلند ڪيو. قرارداد ۾ چيو ويو ته هي ايوان پاڪ فوج جي پيشيوراڻي مهارت، بيداري ۽ بهادريءَ جي ساراهه ڪري ٿو. هن ڀارتي اڳرائيءَ جو ڀرپور تحمل ۽ ذميداريءَ سان مقابلو ڪيو ۽ مناسب جواب ڏنو. قرارداد ۾ چيو ويو ته هي ايوان انهن شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش ڪري ٿو جن مادرِ وطن جي حفاظت لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون ۽ انهن جي عظيم قربانيءَ کي قومي فخر، استقامت ۽ اتحاد جي علامت تسليم ڪري ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان ان نازڪ موڙ تي پاڪستان جي حمايت ڪندڙ دوست ملڪن جو دلي ٿورو مڃي ٿو، علائقائي ۽ عالمي امن لاءِ پنهنجي عهد کي وقار ۽ عزت سان ورجائي ٿو، جڏهن ته زور ڀري ٿو ته جمهوريتن جو عزم ڳالهين لاءِ آهي، تڪرارن لاءِ نه، ان لاءِ هي واضح ڪري ٿو ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار پاڙيسري ۽ ڊگهي مُدي وارو استحڪام صرف مخلصاڻين ۽ منظم ڳالهين سان ئي ممڪن آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان اختيارين کان مطالبو ڪري ٿو ته هو ڪشميري عوام جي خواهشن ۽ لاڳاپيل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ عالمي برادريءَ کي فعال طور شامل ڪن. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان سنڌ طاس معاهدي کي مڪمل طور لاڳو ڪرڻ کي يقيني بنائڻ ۽ پاڪستان جي پاڻيءَ جي حقن جي حفاظت کي قومي سلامتيءَ جو اهم جُز قرار ڏئي ٿو. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان عهد ڪري ٿو ته قومي مفادن جي تحفظ ۽ خطي ۾ امن، اتحاد ۽ سلامتيءَ کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجو آئيني ڪردار ادا ڪندو رهندو ۽ قرارداد متفقه طور منظور ڪئي وئي.