اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ڪردستان ورڪرز پارٽي (پي ڪي ڪي) جي تحليل جي اعلان جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان جي حڪومت ڪردستان ورڪرز پارٽي کي تحليل ڪرڻ جي اعلان جي آجيان ڪري ٿي. ترجمان چيو ته اسان ان اڳڀرائي کي پائيدار امن ۽ استحڪام طرف هڪ اهم قدم سمجهون ٿا. هن چيو ته گهري ڀائراڻي رشتن ۾ ٻڌل پاڪستان ۽ ترڪيه دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين سمورن شعبن ۾ سدائين هڪ ٻئي جي حمايت ڪئي آهي.