اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار فرانس جي يورپ ۽ پرڏيهي معاملن واري وزير جين نول بيروٽ سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم فرانسيسي پرڏيهي وزير کي ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو ته پاڪستان ان بحران دوران تحمل جو مظاهرو ڪيو ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون موجب رڳو پنهنجي دفاع جو حق استعمال ڪيو. هن چيو ته پاڪستان علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ ذميواراڻي انداز ۾ ڪم جاري رکندو. فرانس جي پرڏيهي وزير معصوم جانين جي زيان تي تعزيت جو اظهار ڪيو. پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي مفاهمت جي آجيان ڪندي هن ٻنهي ڌرين کي تحمل کان ڪم وٺڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن گهڻ رخي فورمز سميت ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.