اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي برطانيا جي پرڏيهي وزير ڊيوڊ ليمي ٽيليفون ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن خطي جي تازه ترين صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي وزير ڊيوڊ ليمي علائقائي امن جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ ويجهو رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.