اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي آسٽريليا جي پرڏيهي وزير سينيٽر پيني وونگ ٽيليفون ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم آسٽريلوي پرڏيهي وزير ان ڳالهه کان آگاهه ڪيو ته پاڪستان بحران جي دوران تحمل جو مظاهرو ڪيو ۽ گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي قانون موجب رڳو پنهنجي دفاع جو حق استعمال ڪيو. هن چيو ته پاڪستان علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ ذميواراڻي انداز ۾ ڪم جاري رکندو. پرڏيهي وزير سينيٽر وونگ صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ جعفر ايڪسپريس حملي ۾ معصوم جانين جي زيان تي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي جي اعلان جي آجيان ڪئي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ان سان پائيدار امن قائم ٿيندو.