اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڏکڻ ايشيا ۾ ڇڪتاڻ دوران پاڪستان سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪ عوام جا دل سان ٿورا مڃيندي ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو آهي ته پاڪستان سدائين ڏکڻ ايشيا ۾ امن جو خواهشمند آهي پر هو پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي خلاف ورزي کي ڪڏهن به قبول نه ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ مقرر جمهوريه ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوغلو ملاقات ڪئي. وزيراعظم ڏکڻ ايشيا ۾ تازي ڇڪتاڻ دوران پاڪستان سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي صدر رجب طيب اردوان جا دل سان ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته پنهنجي مستقل حمايت جي ذريعي صدر اردوان هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستاني عوام جون دليون کٽي ورتيون. وزيراعظم ترڪيه جي ڀائر عوام جا پڻ ٿورا مڃيا جنهن هن مشڪل گهڙيءَ ۾ پنهنجي پاڪستاني ڀائرن ۽ ڀينرن جو ساٿ نه ڇڏيو ۽ اهڙي طرح پاڪستان ۽ ترڪيه جي ڀائراڻي لاڳاپن جي تاريخ ۾ هڪ نئين ۽ شاندار باب جو اضافو ٿيو. وزيراعظم پاڪستان جي بهادر هٿياربند فوج کي شاندار خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ”آپريشن بُنيان مرصوص“ جي ذريعي دشمن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ۽ کيس ڪڌن ارادن ۾ ناڪامي ٿي. وزيراعظم چيو ته ان تاريخي فتح تي پوري قوم الله تعاليٰ جي شڪرگذار آهي. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان سدائين کان ڏکڻ ايشيا ۾ امن جو خواهشمند آهي پر هو پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي خلاف ورزي کي ڪڏهن به قبول نه ڪندو. هن چيو ته انهي مفاهمتي پاليسي تحت پاڪستان ڀارت سان جنگبندي کي قبول ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪئي هئي. ٻطرفي لاڳاپن جي حوالي سان وزيراعظم پاڪستان ۽ ترڪيه جي ڀائراڻي لاڳاپن جي مثبت رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو، جيڪي هن سال فيبروري ۾ صدر رجب طيب اردوان جي اسلام آباد جي تاريخي دوري کانپوءِ تيزي سان اڳتي وڌي رهيا آهن. پنهنجي انقره جي تازي دوري کي ياد ڪندي وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي ملاقاتن دوران ڪيل سمورن اهم فيصلن تي وقت سر عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ان حوالي سان هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن جي سطح تي جوائنٽ ڪميشن جلد کان جلد گهرايو ويندو. ترڪ سفير فوجي ۽ سفارتي ڪاميابي تي وزيراعظم ۽ پوري پاڪستاني قوم کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ترڪيه جي عوام پاڪستان جي ڪاميابين تي خوش آهي ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي لاءِ ان جي ڪوششن ۽ عزم کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته صدر اردوان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هر شعبي ۾ مضبوط ڀائراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي ۽ ان سلسلي ۾ اعليٰ سطحي اداراجاتي سرگرميون جاري رهنديون.