جنيوا -12 مئي (اي پي پي) آمريڪا ۽ چين وچ ۾ سوئٽزرلينڊ جي شهر جنيوا ۾ واپاري ڳالهين کانپوءِ ٻنهي ملڪن شروعاتي طور 90 ڏينهن لاءِ هڪ ٻئي جي مصنوعات تي لڳايل ٽيڪس واپس وٺڻ تي اتفاق ڪيو آهي جنهن کان پوءِ سڄي دنيا جي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ شيئرز جي ڏيتي ليتي ۾ تيزي آئي آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي ڪرنسين ڊالر ۽ يوان جي قدر ۾ اضافو ٿيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب اهو اعلان امريڪا ۽ چين جي اختيارين وچ ۾ ڊگهي واپاري ڳالهين جي پڄاڻي تي سامهون آيو آهي. گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي، ته 14 مئي تائين آمريڪا چين جي مصنوعات تي لاڳو ٽيڪس کي عارضي طور 145 سيڪڙو مان گهٽ 30 سيڪڙو ڪندو، جڏهن ته چين آمريڪا جي امپورٽ تي ٽيڪسن کي 125 سيڪڙو تائين گهٽ ڪري 10 سيڪڙو ڪندو. پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ڌرين چين جي نائب وزيراعظم هي لي فنگ ۽ آمريڪا جي ناڻي بابت وزير اسڪاٽ بيسنٽ ۽ آمريڪا واپاري نمائندي جيميسن گرير جي اڳواڻي م اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن بابت ڳالهيون جاري رکڻ لاءِ هڪ مڪينزم ٺاهڻ تي به اتفاق ڪيو. ان حوالي سان بيان ۾ چيو ويو آهي، ته اهي ڳالهين چين ۽ آمريڪا ۾ متبادل طور ڪري سگهجن ٿيون. يا ڌرين جي اتفاق سان ڪنهن ٽئين ملڪ ۾ پڻ ڳالهيون جاري رکي سگهجن ٿيون. ضرورت موجب ٻنهي ڌرين مربوط اقتصادي ۽ واپاري مسئلن تي ورڪنگ ليول مشاورت ڪري سگهن ٿيون. آمريڪي انتظاميه آچر تي ٿيل ڳالهين جي پڄاڻي کان پوءِ هڪ معاهدي طرف اڳڀرائي جو ذڪر ڪيو هو، جڏهن ته بيجنگ گڏيل اتفاق جو ذڪر ڪيو هو ته رسمي اقتصادي ۽ واپاري ڳالهين جو عمل شروع ڪيو ويندو. آمريڪا ۽ چين طرفان ان پڌرائي کان پوءِ سڄي دنيا جي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ تيزي ڏسڻ ۾ آئي آهي ۽ عالمي سيڙپڪارن ٻنهي وڏين معيشتن وچ ۾ واپاري جنگ جو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي وڏين ٽيڪسن سبب شروع ٿي هئي جي ڪارن ڪڪرن جي هٽي وڃڻ تي تمام گهڻي خوشي جو اظهار ڪيو آهي. ان واپاري جنگ اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ هلچل پيدا ڪري ڇڏي هئي، جنهن سان سپلاءِ چين ۾ رڪاوٽ پئي هئي ۽ ٻاڙائي جو خوف وڌيو هو.