نئين دهلي-12 مئي (اي پي پي) ڀارت جنگ بندي بعد 32 هوائي اڏن کي ٻيهر کولڻ جو اعلان ڪيو آهي جيڪي ڀارت پاڪستان سان ڇڪتاڻ جي تڪرار ۾ فضائي حدن جي پابندين سبب سويلين فلائٽ آپريشنز لاءِ بند ڪري ڇڏيا هئا. پرڏيهي ميڊيا مطابق اهو قدم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇنڇر ڏينهن طئي ٿيل جنگبندي معاهدي کانپوءِ کنيو ويو. ايئرپورٽس اٿارٽي آف انڊيا، سومر ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو ته 32هوائي اڏا جيڪي 15 مئي جي مقامي وقت مطابق صبح 5:29 وڳي تائين لاءِ بند ڪيا ويا هئا. هاڻي فوري طور تي آپريشن لاءِ دستياب آهن.