جڪارته -12 مئي (اي پي پي) انڊونيشيا جي اولهندي صوبي جاوا ۾ فوج طرفان مُدي خارج بارود کي ضايع ڪرڻ دوران ڌماڪي ۾ 4 فوجين سميت 13 ڄڻا فوت ٿي ويا. پرڏيهي ميڊيا مطابق انڊونيشيا جي فوج جي ترجمان برگيڊيئر جنرل واهيويڌيانا ٻڌايو آهي ته اهو واقعو گادي واري شهر جڪارته ۾ سومر ڏينهن صبح 9 لڳي 30 منٽن تي گاروت ريجنس جي ساگارا ڳوٺ ۾ ان وقت پيش آيو جڏهن ٽيم بارود ضايع ڪرڻ دوران ڊيٽونيٽر تيار ڪري رهي هئي ته ان دوران هڪ ڌماڪو ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ 4 فوجين سميت 13 ڄڻا فوت ٿي ويا. هن چيو ته فوجي ٽيم سمورن اوزارن جو معائنو ڪيو ۽ تصديق ڪئي هئي ته هو محفوظ حالت ۾ آهن. مُدي خارج بارود کي ضايع ڪرڻ لاءِ ان جاءِ کي معمول مطابق استعمال ڪري رهيا هئا. ترجمان ٻڌايو ته سمورن متاثرن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. واقعي جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ ڪئي ويندي.