ڪوئيٽه-12 مئي (اي پي پي) بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي سان چيف منسٽر سيڪريٽريٽ ڪوئيٽه ۾ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين سيدال خان ناصر ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن، وفاق ۽ بلوچستان وچ ۾ رابطن ۽ ترقياتي رٿائن سميت سياسي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وڏي وزير بلوچستان جي ترقيءَ لاءِ وفاق جي سهڪار کي ساراهيندي چيو ته گڏيل مشاورت ۽ هم آهنگيءَ سان ئي مسئلن جو پائيدار حل ممڪن آهي. سينيٽ ڊپٽي چيئرمين وڏي وزير کي خاطري ڪرائي ته بلوچستان جي عوامي مفادن جي تحفظ لاءِ سينيٽ ۾ آواز اُٿاريندا رهنداسين.