لاهور -12 مئي (اي پي پي) لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ وڪيل برادري، پاڪ فوج سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ شڪراني وارو ڏهاڙو ملهايو. ان موقعي تي لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر اسد منظور بٽ ۽ سينئر وڪيل نصير ڪمبوه، وڪيلن ۾ مٺائي ورهائي پاڪ فوج ۽ پاڪ فضائيه جي حق ۾ زبردست نعري بازي ڪئي ۽ ملڪي دفاع لاءِ انهن جي ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪيو. وڪيلن جو چوڻ هو ته هو هر محاذ تي پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل آهن ۽ ڪنهن به پرڏيهي جارحيت يا سازش جو ڄمي مقابلو ڪندا.