پشاور-12 مئي (اي پي پي) وفاقي وزير ۽ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ امير مقام چيو آهي ته پاڪستان جي ڀارت خلاف مؤثر ڪارروائي دنيا تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪ فوج ڪيتري مضبوط ۽ باصلاحيت آهي. سندس چوڻ هو ته قومي ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جو وقار بلند ٿيو آهي. پشاور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته پهلگام واقعي جي حوالي سان پاڪستان دنيا کي کليل لفظن ۾ ۽ کليل نموني آزاداڻي جاچ ڪرائڻ ۽ پنهنجو هر قسم جو تعاون ڏيڻ جي به ڳالهه ڪئي. هن چيو ته وزيراعظم به واضح مؤقف اختيار ڪيو ته ان واقعي جي شفاف انڪوائري ڪئي وڃي ته جيئن حقيقتون سامهون اچن. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ڀارت ڪوڙا الزام لڳائي پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پاڻ دنيا آڏو بي نقاب ٿي ويو. ڀارت نه صرف ايف آءِ آر داخل ڪري بدناميءَ جو شڪار ٿيو پر عالمي سطح تي به ان جو مؤقف ڪمزور ٿيو. امير مقام ان موقعي تي چيو ته پوري پاڪستاني قوم پاڪ فوج سان يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو ۽ هي اتحاد ئي سڀ کان وڏي طاقت آهي. اڄ وقت آهي ته اسان سڀ گڏ ٿي پاڪستان لاءِ سوچيون ۽ ذاتي مفادن کان مٿانهون ٿي قومي سلامتيءَ کي ترجيح ڏيون. هن هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل ڪابينه کي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته وڪيل برادري هميشه ملڪ کي آئيني بحرانن مان ڪڍڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. امير مقام خاطري ڪرائي ته حڪومت وڪيلن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ هر ممڪن تعاون ڪندي.