لاهور-12 مئي (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته شهيد قوم جا اصل هيرو آهن، ڀارت خلاف ڪاميابي کين شهيدن جي رت سان ملي، اسان جي فوج دشمن کي اهڙو سبق سيکاريو جو هاڻ هو پاڪستان طرفا ميري اک سان ڏسڻ جي جرئت نٿو ڪري سگهي. شهيدن جون قربانيون رائگان نه وينديون. حڪومت شهيدن جي ڪٽنبن کي اڪيلو نه ڇڏيندي. اهڙو اظهار هن ڊرون حملي ۾ شهيد ٿيل علي حيدر جي رهائشگاهه چونگي امر سڌو تي ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سي سي پي او لاهور ۽ ٻيا موجود هئا. وفاقي وزير چيو ته پوري قوم فوج سان گڏ دشمن جا ڏند کتا ڪري ڇڏيا. ڀارت هاڻ ايڊوينچر کان اڳ سؤ ڀيرا سوچيندو. هن چيو ته اسان کي ڀارت کان ڪاميابي اسان جي شهيدن جي رت سان ملي آهي، ان شهيدن جون قربانيون رائگان نه وينديون. ان کان اڳ وفاقي وزير علي حيدر شهيد جي والد محمد اسلم ۽ امڙ شميم بي بي سان تعزيت ڪئي ۽ شهيد جي درجن جي بلنديءَ لاءِ فاتحه خواني ڪئي.