ماسڪو-12 مئي (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پنهنجي روس جي دؤري دوران ماسڪو ۾ گمنام سپاهين جي يادگار تي حاضري ڀري ۽ گل رکيا. ٻي جنگ عظيم دوران پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙن کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين ان سپاهين جي قربانين کي ساراهيو جن روس جي بچاءُ ۾ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو. هن روايت موجب ڪجهه لمحن جي خاموشي اختيار ڪري شهيدن جي ياد ۾ احترام جو اظهار پڻ ڪيو. سينيٽ چيئرمين جي ان عمل کي روسي عوام طرفان نهايت قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويو جيڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستاڻن لاڳاپن جي گهرائيءَ جو اهڃاڻ آهي.