اسلام آباد -12 مئي (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن واري وزارت سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام تحت ملڪ جي ترقياتي منصوبن لاءِ مجموعي طور تي هاڻي تائين 8 کرب 94 ارب 8 ڪروڙ روپين جا فنڊ جاري ڪيا ويا آهن جڏهن ته هاڻي تائين 4 کرب 48 ارب 64 ڪروڙ روپيا خرچ ڪري چڪا آهن. پلاننگ ڪميشن طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق حڪومت هلندڙ مالي سال دوران ترقياتي منصوبن لاءِ 11 کرب روپين جا فنڊ مختص ڪيا آهن. انگن اکرن مطابق اين ٽي ڊي سي پيپڪو جي ترقياتي منصوبن لاءِ 94 ارب 64 ڪروڙ رپيا، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي لاءِ هڪ کرب 61 ارب 26 ڪروڙ، واٽر ريسورس ڊويزن لاءِ هڪ کرب 69 ارب 59 ڪروڙ، سائنس ٽيڪنالاجي ريسرچ ڊويزن لاءِ 6 ارب 64 ڪروڙ، روينيو ڊويزن لاءِ 5 ارب 81 ڪروڙ، پلاننگ ڪميشن لاءِ 7 ارب 49 ڪروڙ، ريلويز ڊويزن لاءِ 35 ارب، پيٽروليم ڊويزن لاءِ هڪ ارب 95 ڪروڙ، پاڪستان نيوڪليئر ريگوليٽري اٿارٽي لاءِ 25 ڪروڙ 63 لک، قومي تاريخي ورثي ڊويزن لاءِ 35 ڪروڙ 52 لک، صحت جي سهولتون بهتر بڻائڻ لاءِ 21 ارب 3 ڪروڙ، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي ريسرچ ڊويزن لاءِ 8 ارب 37 ڪروڙ، ميري ٽائم افيئرز ڊويزن لاءِ هڪ ارب 56 ڪروڙ، لا جسٽڪ ڊويزن لاءِ 93 ڪروڙ، گهرو ڊويزن لاءِ 9 ارب 78 ڪروڙ، بين الصوبائي رابطه ڊويزن لاءِ هڪ ارب 20 ڪروڙ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ٽيلي ڪام ڊويزن لاءِ 38 ارب 37 ڪروڙ روپيا، انفارميشن اينڊ براڊ ڪاسٽنگ ڊويزن لاءِ 3 ارب 78 ڪروڙ، صنعت ۽ پيداوار ڊويزن لاءِ هڪ ارب 49 ڪروڙ، انساني حقن ڊويزن لاءِ 10 ڪروڙ 40 لک، هائوسنگ ورڪس ڊويزن لاءِ 4 ارب 10 ڪروڙ، هائير ايجوڪيشن ڪميشن لاءِ 56 ارب 94 ڪروڙ، سيڙپڪاري بورڊ ڊويزن لاءِ 40 ڪروڙ 53 لک، ايوي ايشن ڊويزن لاءِ 5 ارب 4 ڪروڙ، اسپيشل انويسٽمنٽ فيسيليٽيشن ڪائونسل ڊويزن لاءِ 31 ڪروڙ 38 لک روپين سميت مختلف ترقياتي مصنوبن لاءِ فنڊز جاري ڪيا ويا آهن.