سبي – 12 مئي (اي پي پي) سينيٽر دنيش ڪمار پلياني ۽ اقليتي معاملن واري سنجي ڪمار پنجواڻي جي ھدايت تي سبي ۾ اقليتي برادري طرفان يوم تشڪر طور ھڪ ريلي ڪڍي وئي، جنھن جي قيادت مکي عامر چنڊال ڪئي. اھا ريلي والميڪ مندر اقبال روڊ تان ڪڍي وئي جنھن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻھو شريڪ ھئا. ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن ”انڊيا مرده آباد“، ”پاڪستان زنده آباد“ ۽ ”پاڪ فوج زنده آباد“ جا نعرا لڳايا. مقررن خطاب ڪندي چيو ته اسان کي پنھنجي فوج تي فخر آھي، جنھن تازي آپريش ۾ شاندار ڪاميابي حاصل ڪندي ڀارت کي منھن ٽوڙ جواب ڏنو. وڌيڪ چيو ويو ته اقليتي برادري ھر وقت پاڪ فوج سان گڏ آھي ۽ ملڪي سرحدن جي حفاظت لاءِ به ھر وقت تيار آھي.