قاهره -11 مئي (اي پي پي) مصر جي اترئين علائقي القليويه جي شهر العبور الجديده ۾ هڪ شخص ڪاوڙ ۾ اچي ٻارن سامهون زال کي پنجين ماڙ تان هيٺ اڇلائي ڇڏيو، جنهن سبب هو ٿڏي تي فوت ٿي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب پاڙي وارن واقعي جو اطلاع ويجهي پوليس اسٽيشن کي ڏنو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو. شروعاتي پوليس رپورٽ موجب جوابدار جو زال سان ڪنهن ڳالهه تي جهيڙو ٿيو، جيڪو ايترو وڌي ويو جو هن ڪاوڙ ۾ اچي ٻارن جي موجودگي ۾ ئي زال کي پنجين ماڙ تان هيٺ اڇلائي ڇڏيو. پراسيڪيوشن ۾ جوابدار کي 4 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس جي تحوالي ۾ ڏنو ويو آهي، جڏهن ته لاش کي دفنائڻ لاءِ وارثن حوالي ڪيو ويو.