رياض -11 مئي (اي پي پي) سعودي عرب ۾ غيرقانوني پرڏيهين خلاف ڪم ڪندڙ گڏيل ڪميٽي هڪ هفتي دوران ڪارروائي ڪندي 15 هزار غيرقانوني پرڏيهين کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب غيرقانوني پرڏيهين خلاف ڪم ڪندڙ گڏيل ڪميٽي طرفان جاري بيان ۾ چيوويو آهي، ته اهي گرفتاريون پهرين کان 07 مئي 2025ع وچ ۾ ٿيون آهن، جن مان 10179 اقامه قانونن جي ڀڃڪڙي، 3912 گرفتار ٿيل سرحدي قانونن جي ڀڃڪڙي جڏهن ته 1837 پرڏيهي ليبر قانون جي ڀڃڪڙي ۾ ملوث هئا. هن چيو ته ڄاڻايل عرصي دوران 1248 ماڻهو گرفتار ٿيا آهن جيڪي سرحد پار ڪري ملڪ ۾ غيرقانوني طور داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.