دبئي -11 مئي (اي پي پي) گڏيل عرب امارات جي الضفره ايئربيس تي سعودي عرب ۽ ٻين دوست ۽ ڀائر ملڪن جون گڏيل فضائي مشقون ”ڊيزرٽ فليڪ 2025ع“ پڄاڻي تي پهچي ويون. پرڏيهي خابروا داري موجب گڏيل مشقن جي پڄاڻي تي پهچڻ تي فضائي گروپ جي ڪمانڊر ليفٽيننٽ ڪرنل فيصل المرواني ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته مشقن جو مقصد تبديل ٿيندڙ حالتن جي گهرجن کي نظر ۾ رکندي آپريشنل پلان ترتيب ڏيڻ ۽ موجوده وقت موجب پنهنجي فورسز کي تيار ڪرڻ آهي، ته جيئن ڪهڙين به حالتن ۾ پاڻ کي تيار رکجي. ليفٽيننٽ ڪرنل فيصل المرواني ٻڌايو ته مشقن کان اڳ هر قسم جون احتياطي تدبيرون اختيار ڪيون ويون هيون جڏهن ته مشقن جو منظرنامو حقيقت جي ويجهو هو.