جده -11 مئي (اي پي پي) سعود عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان سان جده ۾ ايراني هم منصب عباس عراقچي ملاقات ڪئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب جده ۾ ٿيل ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات ۾ ٻه طرفه لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ انهن جي سپورٽ جي طريقن جو جائزو ۽ تازي علائقائي صورتحال ۽ ان حوالي سان ڪيل ڪوششن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ سياسي معاملن بابت انڊر سيڪريٽري ڊاڪٽر سعود الساطي، پرڏيهي وزير جي مشير محمد اليحيٰ ۽ پرڏيهي وزارت جي صلاحڪار ڊاڪٽر منال رضوان به موجود هئي.