سان فرانسسڪو -11 مئي (اي پي پي) آمريڪا جي شهر سان فرانسسڪو جي سامونڊي ڪناري تي هڪ شخص ڪتي کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ فوت ٿي ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب نيشنل پارڪ سروس جي اهلڪار ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته سان فرانسسڪو جي سامونڊي ڪناري تي هڪ شخص ڪتي کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ ٻڏي ويو، اطلاع ملڻ تي سان فرانسسڪو فائر ڊپارٽمينٽ ۽ فائر پيراميڊڪس جي عملي واقعي واري هنڌ پهچي طبي امداد فراهم ڪئي ۽ کيس ويجهي اسپتال منتقل ڪيو. طبي عملي جي سمورين ڪوششن باوجود هو زخمن جا سور نه سگهندي فوت ٿي ويو.