ڍاڪا -11 مئي (اي پي پي) بنگلاديش جي عارضي حڪومت اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي پارٽي عوامي ليگ جي سمورين سرگرمين تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب بنگلاديش جي حڪومت جي قانوني معاملن واري صلاحڪار آصف نذرل عوامي ليگ جي سرگرمين تي پابندي جي حوالي سان گذريل رات صحافين کي آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته نوبل انعام يافته محمد يونس جي سربراهي ۾ عارضي ڪابينه دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ تحت عوامي ليگ جي آن لائين ۽ ٻين هنڌن تي سرگرمين تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اها پابندي ان وقت تائين برقرار رهندي جيستائين ڪا خاص ٽربيونل گذريل سال جولاءِ ۽ آگسٽ ۾ حڪومت مخالف احتجاج دوران ڪيترن ئي مظاهرين جي فوتگين تي ڪيس جي ٻڌڻي مڪمل نٿو ڪري وٺي. واضح رهي ته گڏيل قومن جي انساني حقن واري آفيس هلندڙ سال فيبروري ۾ هڪ رپورٽ شايع ڪئي هئي جنهن ۾ حسينه واجد جي حڪومت خلاف مظاهرن جي 3 هفتن دوران 1400 ماڻهن جي مارجڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو هو.