اسلام آباد-11 مئي (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي اسلام آباد کي ٽريفڪ نظام ۽ سهولتن جي حوالي سان عالمي معيار جو شهر بڻائڻ پهرين ترجيع آهي، 22 مئي تي جناح اسڪوائر مري روڊ انڊر پاس جو افتتاح ٿيندو، منصوبو هلندڙ مهيني مڪمل ڪيو ويندو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي گذريل ڏينهن جناح اسڪوائر مري روڊ انڊر پاس پراجيڪٽ جو دورو ڪيو ۽ اڳڀرائي جو جائزو ورتو. وفاقي وزير کي ٻڌايو ويو ته جناح اسڪوائر انڊر پاس جي ٻنهي پاسن جون ڀتون مڪمل ٿي چڪيون آهن جڏهن ته ڇت جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. محسن نقوي ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته 22 مئي تي جناح اسڪوائر مري روڊ انڊر پاس جو افتتاح ٿيندو. هن پراجيڪٽ تي جاري اڏاوتي سرگرمين جو معائنو ڪيو ۽ هلندڙ مهيني دوران 100 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. گهرو وزير برساتن باوجود ترقياتي ڪم جي رفتار ۽ معيار تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ منصوبي جي ڀرپاسي گرين ايرياز ۽ بهترين لينڊ اسڪيپنگ ڪمرڻ جي هدايت به ڪئي. هن انڊر پاس ويجهو تعمير هيٺ پل جو معائنو ڪيو. گهرو وزير ايڪسپريس وي تي حددخلين جي خاتمي لاءِ فوري ڪارروائي جو حڪم ڏيندي چيو ته اسلام آباد کي ٽريفڪ نظام ۽ سهولتن جي حوالي سان عالمي معيار جو شهر بنائڻ پهرين ترجيح آهي. ان موقعي تي وفاقي وزير کي چيئرمين سي ڊي ايف محمد علي رنڌاوا منصوبي جي حوالي سان بريفنگ ۾ ٻڌايو ته منصوبي تي ترقياتي ڪم 75 سيڪڙو تائين مڪمل ڪيو ويو آهي. منصوبي جي چئن مان ٽي سلپ رستا مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ عوام جي سهولت لاءِ ٽريفڪ بحال ڪئي وئي. هن ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته برساتن ۽ موسمي حالتن باوجود ترقياتي ڪم مقرر وقت تي مڪمل ڪيو ويندو. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جي دوري جي موقعي تي وفاقي گهرو سيڪريٽري، ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد ۽ ٻيا آفيسر به موجود هئا.