اسلام آباد -11 مئي (اي پي پي) دفاع واري وزير خواجه محمد آصف چيو آهي، ته 27 سال اڳ ايٽمي ڌماڪن وقت نواز شريف ۽ اڄ وزيراعظم شهباز شريف جي فيصلي سان اسان سرخرو ٿيا آهيون. گذريل رات ايڪس تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ هن چيو ته 27 سال اڳ جڏهن ايٽمي ڌماڪن لاءِ فيصلي جو وقت آيو ته وزيراعظم نواز شريف کي الله پاڪ همت ۽ طاقت عطا ڪئي، اسان ايٽمي قوت بڻياسين، اڄ ٻيهر فيصلي جو وقت آيو ته وزيراعظم شهباز شريف کي الله تعاليٰ اها سعادت بخشي ته پاڪستان حملو ڪيو ۽ اسان سرخرو ٿياسين. پاڪ فوج زنده باد پاڪستان پائيندا باد.