اسلام آباد -11 مئي (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي، ته ماءُ دنيا جي سڀ کان وڏي نعمت آهي، ماءُ جي محبت کي هڪ ڏينهن لاءِ مخصوص نه ٿو ڪري سگهجي، پيار، خلوص ۽ شفقت جو ٻيو نالو ماءُ آهي. مائرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ماءُ جهڙي هستي هن دنيا ۾ سڀ کان وڏي نعمت آهي، هن چيو ته ماءُ سان محب هنج کان وٺي قيامت تائين آهي، سڀ کان پيارو ۽ مٺو نالو ”ماءُ“ جو آهي. پيار، خلوص ۽ شفقت جو ٻيو نالو به ماءُ آهي. هن چيو ته ماءُ جهڙي پاڪيزه رشتي جو ڪو به مٽ ناهي، ماءُ جي هنج ۾ گذريل حسين لمحا دنيا جي قيمتي ترين بسترن تي به نصيب ناهن ٿيندا. ماءُ جي دعا انسان کي فرش کان عرش تائين پهچائيندي آهي، الله پاڪ جي ڪرم سان مان اڄ جنهن به مقام تي آهيان اهو منهنجي والده جي دعائن جو نتيجو آهي. گهرو وزير ان يقين جو اظهار ڪيو ته والده مرحومه جون دعائون اڄ به مون سان گڏ آهن. محسن نقوي چيو ته مان سمورين امڙين جي عظمت کي سلام پيش ڪيان ٿو ۽ وطن لاءِ جان جو نذرانو ڏيندڙ شهيدن جي مائرن کي پڻ سلوٽ ڪيان ٿو، دل سان دعا آهي ته الله تعاليٰ هر ماءُ کي سلامت رکي.