اسلام آباد -11 مئي (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ماءُ سان محبت جي اظهار جو عالمي ڏينهن گذريل ڏينهن (آچر) تي ملهايو ويو، ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد مائرن جي عظمت جو اعتراف ۽ کين خراج تحسين پيش ڪرڻ آهي. دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ مائرن جو عالمي ڏينهن مئي جي ٻئي آچر تي ملهايو ويندو آهي، جڏهن ته ڪيترن ئي ملڪن ۾ اهو ڏينهن جنوري، مارچ، آڪٽوبر، يا نومبر ۾ پڻ ملهايوو يندو آهي. اهو ڏينهن ماءُ جي مقدس ترين رشتي جي عظمت۽ اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۽ ماءُ لاءِ احترام ۽ محبت جي جذبي کي هٿي وٺائڻ لاءِ ملهايو ويندو آهي. واضح رهي ته ماءُ جي عالمي ڏينهن ملهائڻ جي تاريخ تمام گهڻي پراڻي آهي، اهو ڏينهن سڀ کان پهريون يوناني تهذيب ۾ ان وقت ملهايو ويو جڏهن سمورن ديوتائن جي ماءُ ”گرهياديوي“ جي اعزاز ۾ اهو ڏينهن ملهائڻ جي شروعات ٿي. 16هين صدي ۾ ايسٽر کان 40 ڏينهن اڳ انگلستان ۾ هڪ ڏينهن ”مدرنگ سنڊي“ جي نالي سان ملهايو ويو جڏهن ته آمريڪا ۾ مڌر ڊي جي شروعات 1872ع ۾ ٿي. مڌرس ڊي کي قومي ڏينهن طور ملهائڻ لاءِ هڪ تحريڪ هلائي وئي جيڪا ڪامياب ٿي. 8 مئي 1914ع تي آمريڪا جي ان وقت جي صدر ووڊرو ولسن مئي جي ٻئي آچر کي سرڪاري طور تي مائرن جو عالمي ڏينهن قرار ڏنو جنهن کان پوءِ هر سال اهو ڏينهن سڄي دنيا ۾ ملهائجڻ شروع ٿي ويو. ماءٌ سان محبت جي اظهار جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ مختلف تقريبون منعقد ڪيون ويون.