ڪراچي-10 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪستان پاران ڀارتي جارحيت خلاف شروع ڪيل آپريشن بنيان المرصوص جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو آھي ۽ پاڪستان جي خودمختياري ۽ قومي سلامتي بابت پنھنجي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيوآھي. وزير اعليٰ ھائوس مان جاري پڌرائي موجب وڏي وزير چيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري تي ڪنهن به قسم جي حملي کي برداشت نه ڪندو. ھن چيو ته ڪنهن به جارحيت جو هر محاذ تي سخت ۽ واضح جواب ڏنو ويندو. سيد مراد شاهه پاڪ فوج جي صلاحيتن ۽ پيشوراڻي مهارت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي سندن بهادري ۽ قربانين کي خراج پيش ڪيو. سڄي قوم پنهنجي فوج سان گڏ آهي ۽ سندن بهادري کي سلام پيش ڪري ٿي. آپريشن بنيان المرصوص مان پيدا ٿيندڙ قومي فخر واري جذبي تي زور ڏيندي هن چيو ته دشمن جي جارحيت جو جواب مناسب ۽ ڀرپور ڏنو ويندو. هن علائقائي بيچيني جي امڪان بابت چتاءُ ڏيندي چيو ه ڀارت جي وڌندڙ جنگي بيانبازي پرڳڻي جي امن لاءِ وڏو خطرو آهي. هن پاڪستان جي امن دوستيءَ واري موقف کي ورجائيندي واضح ڪيو ته پاڪستان هڪ امن پسند ۽ ذميوار ملڪ آهي، پر قومي سلامتي تي ڪڏهن به سوديبازي نه ٿيندي. وڏي وزير گڏيل قومن ۽ عالمي برادري کي اپيل ڪئي ته هو ڀارت جي اشتهال انگيز حرڪتن جو ترت نوٽيس وٺن ۽ صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ اپاءَ ورتا وڃن. وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ چيو ته سنڌ جا ماڻهو پاڪ فوج سان گڏ بيٺا آهن. ڀارتي ايئربيسز تي جوابي وار کي قومي عزم ۽ اعتماد جو مثال قرار ڏيندي وڏي وزير چيو ته دشمن کي مناسب جواب ڏيڻ نه صرف ضروري هو پر قومي مفادن جي تحفظ لاءِ پڻ لازمي هو.