اسلام آباد-10 مئي (اي پي پي) پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي پاڪستان جون فضائي حدون هر قسم جي اڏامن لاءِ مڪمل طور تي بحال ڪري ڇڏيون آهن. پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي جي ترجمان طرفان گذريل ڏينهن جاري تازه ترين صورتحال موجب ملڪ جا سمورا ايئرپورٽس معمول جي فلائيٽ آپريشن لاءِ دستياب آهن. پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي جي ترجمان چيو ته مسافرن کي گذارش آهي ته پنهنجي اڏامن جي تازه ترين شيڊول لاءِ لاڳاپيل ايئر لائين سان رابطو ڪن.