اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه ايمل ولي خان ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير عبدالعليم خان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ خطي جي موجوده صورتحال تي کين اعتماد ۾ ورتو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڀارتي جارحيت تي پاڪستان پاران آپريشن بُنيان المرصوص جي صورت ۾ جوابي ڪارروائي جي حمايت تي ايمل ولي خان ۽ عبدالعليم خان جا ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن تازي ڇڪتاڻ ۾ ملڪ ۽ قوم جي مثالي قيادت ڪرڻ تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. ايمل ولي خان ۽ عبدالعليم خان ڀارت کي ڀرپور جواب ڏيڻ تي پاڪستاني فوج جي پيشيواراڻي مهارت ۽ عزم کي سلام پيش ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن وزيراعظم سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ جي دفاع لاءِ پوري قوم پنهنجي بهادر پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.