نيويارڪ – 10 – مئي (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا جي ثالثي ۾ ڀارت ۽ پاڪستان مڪمل ۽ فوري جنگبندي تي اتفاق ڪيو آهي. آمريڪي صدر ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته آمريڪا جي ثالثي ۾ رات کان ڳالهه ٻولهه جي ڊگهي عمل کانپوءِ مون کي اهو اعلان ڪندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته ڀارت ۽ پاڪستان مڪمل ۽ فوري جنگبندي تي اتفاق ڪيو آهي. هن چيو ته دانشمندي ۽ انتهائي ذهانت جو مظاهرو ڪرڻ تي ٻنهي ملڪن کي مبارڪباد ڏيان ٿو ۽ ان معاملي تي ڌيان ڏيڻ تي ٿورائتو آهيان.