اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت فوري جنگبندي تي اتفاق ڪيو آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان سدائين خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي لاءِ ڪوشش ڪئي آهي، پاڪستان امن جي ڪوششن ۾ پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت تي ڪڏهن به ٺاهه ناهي ڪيو. ٻئي طرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ چيو ته آمريڪا جي ثالثي ۾ رات کان ڳالهه ٻولهه جي ڊگهي عمل کانپوءِ مون کي اهو اعلان ڪندي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته ڀارت ۽ پاڪستان مڪمل ۽ فوري جنگبندي تي اتفاق ڪيو آهي. هن چيو ته دانشمندي ۽ انتهائي ذهانت جو مظاهرو ڪرڻ تي ٻنهي ملڪن کي مبارڪباد ڏيان ٿو ۽ ان معاملي تي ڌيان ڏيڻ تي ٿورائتو آهيان.