اسلام آباد-10 مئي (اي پي پي) استحڪام پاڪستان پارٽي جي سربراهه عبدالعليم خان ڀارتي جارحيت جي جواب ۾ آپريشن ”بنيان المرصوص“ جي ڪاميابي تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته آپريشن ”بنيان المرصوص“ جي ڪاميابي تي پاڪ فوج خراج تحسين جي مستحق آهي. پاڪستان جي جوابي حملن ٻڌائي ڇڏيو ته الحمد الله پاڪستان محفوظ ۽ مضبوط هٿن ۾ آهي. هن چيو ته پاڪستان هر ممڪن تحمل جو مظاهرو ڪيو پر دشمن اسان جي امن جي خواهش کي ڪمزوري سمجهندو رهيو. اسان جي فوج دشمن جي سمورين غلط فهمين کي ختم ڪري ڇڏيو. عبدالعليم خان چيو ته پاڪ فوج ڀارت جي جديد ايس 400 دفاعي نظام کي ناڪاره بڻائي ڀارتي غرور مٽي ۾ ملائي ڇڏيو. انشاءَ الله پوري قوم پنهنجي بهادر فوج سان گڏ آهي ۽ مڪمل يقين رکي ٿي ته وطن جي هڪ هڪ انچ محفوظ هٿن ۾ آهي. نعره تڪبير – الله اڪبر. عبدالعليم خان آپريشن بنيان المرصوص جي شاندار ڪاميابي تي قوم کي مبارڪون ڏنيون ۽ چيو ته پاڪ فوج 5 ڪلاڪن ۾ 5 ڏينهن جو حساب برابر ڪري ڇڏيو. مبارڪن واري ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ چيو ته ”الفتح ميزائل ڪاميابي ۽ نصرت جي علامت بڻجي ويو آهي“ وفاقي وزير چيو ته پاڪ فوج ٻڌائي ڇڏيو آهي ته پاڪستان مضبوط ۽ محفوظ هٿن ۾ آهي، پاڪ فضائيه جي شاهينن ڀارت جون سموريون غلط فهميون ختم ڪري ڇڏيون. هن چيو ته پاڪ فوج جي جنگي مهارت سان قوم جا حوصلا بلند ٿيا، پاڪ فضائيه هڪ دفعو ٻيهر ڀارتي غرور مٽي ۾ ملائي ڇڏيو. اميد آهي ته دشمن جو جنگ جو خمار ختم ٿي چڪو هوندو.