اسلام آباد-10 مئي (اي پي پي) صحت واري وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال ڀارت کي خبردار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان کي ڪمزور سمجهڻ سنگين نتيجن جو سبب بڻجي سگهي ٿو. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ وفاقي وزير پاڪستان جي خودمختياري جي دفاع جي پختي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري جي تحفظ جي عزم تي قائم آهي، پاڪستان ۽ غزه ۾ واضح فرق آهي. هن معصوم پاڪستاني شهرين خلاف ڀارت جي بزدلاڻي جارحيت ۽ خطي کي دهشتگردي جو ٺڪاڻو بڻائڻ جي ڀارتي ڪردار جي به شديد مذمت ڪئي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ڀارت جي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو آهي ۽ اسان پنهنجي خودمختياري ۽ سالميت جو دفاع جاري رکنداسين. هن چيو ته پاڪستان هڪ ايٽمي قوت آهي ۽ ڀارت اسان جي خودمختياري ۽ سلامتي کي چئلينج نه ڪري ٻي صورت ۾ ڀارت کي سنگين نتيجن کي منهن ڏيڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي هٿياربند فوج تي پختو يقين ۽ فخر ڪري ٿو جيڪا قومي طاقت جي علامت آهي. سيد مصطفيٰ ڪمال چيو ته وردي پاتل اسان جا بهادر مرد ۽ عورتون پاڪستان جي خودمختياري، شهرن ۽ عوام جا محافظ آهن جيڪي قومي عزت ۽ وقار کي بلند رکن ٿا. هن چيو ته اسان کي ڪنهن به صورتحال لاءِ ذهني طور تي تيار رهڻ جي ضرورت آهي ته جيئن جيڪڏهن جنگ ٿئي ته ان جو ڀرپور جواب ڏنو وڃي. هن چيو ته اسلام اسان کي زندگي جي هر رخ ۾ رهنمائي فراهم ڪري ٿو، اسان پنهنجي عقيدن ۽ قدرن مان طاقت حاصل ڪريون ٿا جيڪي اسان کي قوم جي حيثيت ۾ فخر سان سر بلند رهڻ جي ترغيب ڏين ٿا.