گلگت-10 مئي (اي پي پي) گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه چيو آهي ته آپريشن بنيان المرصوص ڀارت تي قهر بڻجي ٽٽندو. هن وقت سڄي قوم پنهنجي فوج سان شيهي جي ڀِت جيان بيٺل آهي ۽ دشمن کي هر محاذ تي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. هن چيو ته پاڪستان جي سلامتي ۽ خودمختياري تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو. پاڪ فوج دنيا جي بهترين فوج ۾ شمار ٿئي ٿي، جنهن کي پيشيوارڻي مهارت، نظم ۽ ضبط، جرئت ۽ بهادي ۾ نمايان مقام حاصل آهي. دشمن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائڻ اسان جي بهادر فوج جو شان آهي. گورنر مهدي شاهه، ڀارت جي جنگي جنون کي خطي جي امن لاءِ سڀ کان وڏو خطرو قرار ڏيندي چيو ته مودي سرڪار جو هندوپرست نظريو هڪ شدت پسنداڻي سوچ جي نمائندگي ڪري ٿو. جنهن سان نه صرف ڀارتي مسلمانن کي خطرا درپيش آهن پر سک برادري به ان انتهاپسند نظريي جي لپيٽ ۾ آهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ پرامن ۽ ذميوار رياست آهي، سيد مهدي شاهه وڌيڪ چيو ته سڄي قوم کي پنهنجي بهادر فوج تي فخر آهي دشمن کي جواب ڏيڻ وقت جي اهم ترين ضرورت هو، اسان پنهنجي سرحدن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻون ٿا.