اسلام آباد-10 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان وزيراعظم محمد شهباز شريف ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم، صدر کي ڀارتي جارحيت ۽ پاڪستان طرفان آپريشن بنيان المرصوص جي صورت ۾ ڀارت کي ڏنل اثرائتي جواب بابت آگاهه ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان مطابق ملاقات دوران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ به موجود هو. صدر مملڪت ڀارت طرفان بنا جواز جارحيت ۽ ميزائل حملن جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي هٿياربند فوج جي غير معمولي پيشيوراڻي مهارت ۽ بهادري جي واکاڻ ڪئي. صدر چيو ته پاڪستان هڪ ذميدار ۽ امن پسند قوم جي حيثيت سان ڀارتي اڳرائين جي مقابلي ۾ تمام گهڻي تحمل جو مظاهرو ڪيو پر افسوس جو ڀارتي جارحيت جي ڪري پاڪستان وٽ پنهنجي خودمختياري جي دفاع، پنهنجي شهرين جي تحفظ لاءِ فيصلائتو جواب ڏيڻ کانسواءِ ڪو رستو نه بچيو هو. صدر چيو ته سڄي پاڪستاني قوم متحد آهي، ڀارتي جارحيت جي ڀيٽ ۾ پنهنجي هٿياربند فوج جي ڀرپور حمايت ڪجي ٿي. صدر چيو ته پاڪستان ملڪي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جو هر قيمت تي دفاع ڪندو.