اسلام آباد-10 مئي (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي، جڏهن ته ڀارت طرفان اشتعال انگيزي ڪئي ويندي آهي ته پاڪستان هميشه پنهنجي دفاع ۽ مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور صلاحيتن جو مسلسل مظاهرو ڪيو آهي. هڪ انٽرويو ۾ سينيٽر شيري رحمان پاڪ فوج جي واکاڻ ڪندي چيو ته ڀارت جي پاڪستان تي جارحيت ڪئي ۽ پاڪستان گذريل رات هڪ پرعزم ڪارروائي سان ان جو فوري جواب ڏنو جنهن سان پاڪستان جو علائقائي سالميت جو تحفظ اجاگر ٿئي ٿو. هن چيو ته گذريل رات ملڪ جي دفاع ۾ پاڪستان ڀارتي حملن جو سخت ۽ موثر جواب ڏنو آهي. هن پاڪستان جي هٿياربند فوج جي پيشيوراڻي مهارتن ۽ بهادري کي به خراج تحسين پيش ڪيو. هن واضح ڪيو ته اسان هڪ متحد قوم آهيون ۽ پنهنجي خودمختياري ۽ سلامتي جي دفاع لاءِ پختا ۽ آخري دم تائين بيٺل رهنداسين. شيري رحمان ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته پاڪستان ڀارتي ڌمڪين ۽ اشتعال انگيزين جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو، تڪرارن جا ثبوتن تي ٻڌل حل سفارتڪاري ۽ ڳالهين ذريعي ئي ممڪن آهي.