اسلام آباد -10 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ سماجي رابطن واري پليٽ فارم ايڪس تي آپريشن (بنيان مرصوص) يعني شيهي جي ديوار جي اهميت کي اجاگر ڪيو. وفاقي وزير سوره الصف جي آيت جو حوالو ڏيندي چيوته اها آيت اسان کي حڪم ڏئي ٿي ته جڏهن جنگ مڙهي وڃي ته متحد ٿي دشمن سان مقابلو ڪيو. الله اسان جو حامي ۽ ناصر هوندو.