اسلام آباد -10 مئي (اي پي پي) دفاع واري وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌائڻ جو ذميوار ڀارت آهي. هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته آمريڪا سميت ڪجهه ملڪ ٻنهي ايٽمي طاقتن وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستاني هٿياربند فوج ڀارتي حملن جو ڀرپور جواب ڏنو آهي ۽ هاڻي ڀارت دفاعي پوزيشن تي اچي ويو آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته آمريڪا ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.هن ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي تي تنقيد ڪندي چيو ته مودي چونڊن ۾ ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ اهو ڊرامو رچائي رهيو آهي ۽ ذاتي مفادن جي سياست ڪري رهيو آهي.