اسلام آباد -10 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاالله تارڙ چيو آهي، ته پنهنجي ئي سک شهرين کي بيلسٽڪ ميزائيلن سان نشانو بڻائڻ ڀارت جي اقليتن خلاف گهري سازش آهي. جمعي ۽ ڇنڇر جي وچ واري رات سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته پاڪستان هن مشڪل گهڙي ۾ سک برادري سان گڏ آهي، هي بزدلاڻا قدم ڀارت جو اصل چهرو دنيا سامهون بي نقاب ڪري رهيا آهن، اهو ڀارت جو شرمناڪ عمل آهي.